پير لاکو مقام

پير لاکو مقام

پير لاکو

پير لاکو ( مقام) :هي مقام ضلعي ٺٽي ۾ جهرڪن کان 16 ڪلوميٽر ، حيدرآباد ٺٽي روڊ تي موجود آهي . هي تمام وڏو قبرستان اٽڪل چئن چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي . هن ۾ اٽڪل 200 مقبرا ( Tombs ) موجود آهن . قبرستان روڊ سان لڳ آهي ، پر روڊ تان نظر نٿو اچي سگهي ، ڇو ته مقام هڪ ته لاهاندي تي هيٺ آهي ٻيو ته هڪ وڏو ٽڪر مقام کي اوٽ ڏئي بيٺو آهي . هي مقام به انهن مقامن جو تسلسل آهي ، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان واري ايراضيءَ ۾ گهاڙ وارين قبرن جي ڪري مشهور آهن ۽ خاص قبيلن ڏانهن منسوب آهن . هي مقام ” پير لاکي جو قبرستان “ نالي سان مشهور آهي ، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ گهاڙ واريون قبرون ۽ مزارون موجود آهن . انهن مان ڪيتريون قبرون ڊهي ، پٿرن جي ڍڳ ۾ تبديل ٿي ويون آهن . قبرون ٻيلي کان سنڌوءَ جي پيٽ تائين پکڙيل آهن . قبرستان ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي ۽ هر حصي کي پنهنجي خصوصيت آهي . اوڀر اتر طرف گنبذ سا ن هڪ مقبرو آهي جيڪو ’لاکي پير ‘ جو چيو وڃي ٿو . اڏاوتي لحاظ کان اهو مقبرو اهڙو ئي آهي ، جهڙو ڪلهوڙن ۽ ٽالپر دؤر جا مقبرا ٺهيل آهن . سڄو مقبرو ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي ۽ ڪاٺ جي اُڪر سان دروازو اهڙو ئي آهي ، جهڙو ميرن جي مقبرن تي لڳل آهي . دروازي جي سر در تي فارسيءَ ۾ شعر لکيل آهن . مقبري سان گڏ مسجد به ٺهيل آهي . مسجد به اڏاوت جي لحاظ کان اوتري ئي پراڻي آهي ، جيترو مقبرو . مقبرو سٺو سنڀاليل آهي ، جو مٿس مجاور ويٺل آهي . اهو هر سال ان جي مرمت ڪرائي ٿو . بزرگ لاءِ مجاور جو چوڻ آهي ته پاڻ مخدوم پوٽو هو .
مقبري جي ڀر ۾ پيل پاون سان پراڻيون چوکنڊيون ٺهيل آهن ، جن جي هيٺان قبرون آهن . قبرن جو نمونو مزار عيسيٰ ترخان واري قبر جھڙو آهي ، جيڪو مڪليءَ جي مقام تي ٺهيل آهن . ٿورو پرڀرو ڏکڻ پاسي هڪ ٻيو مقبرو ڳاڙهين سرن ۽ پٿرن سان ٺهيل آهي . انهيءَ مقبري ۾ ٻه قبرون آهن ، هڪ شيخ جکري جي چئي وڃي ٿي ۽ ٻي لال ڇٽي جي . شيخ جکرو ، شيخن جو وڏو چيو وڃي ٿو . مقبرو 2004ع ڌاري ٻيهر مرمت ڪري جوڙيو ويو آهي . شيخ جکري جي مقبري سان گڏ سون جي تعداد ۾ گهاڙ واريون قبرون موجود آهن . قبرون ٻه ماڙ ۽ ٽه ماڙ ٺهيل آهن . پٿر جي تختن سان اوساريل قبرون مختلف قسم جي اُڪر جي ڪم سان سينگاريل آهن . ڪيترين ئي قبرن جي پاسن کان پيل پاوا بيٺل آهن . جڏهن ته انهن کي ڇت ڪانهي . سمورن پيل پاون تي مهندسي چٽ جي اُڪر جو اعليٰ ۽ خوبصورت ڪم ٿيل آهي ، جيڪو وقت گذرڻ سان مٽجي ويو آهي . قبرن تي ڪٿي ڪٿي سورج مکيءَ جي گل جي اُڪر ٿيل آهي ، پنجن قبرن جي پيل پاون تي گهنڊ واري اڪر اهڙي آهي ، جيڪا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ملندڙ قبرن مان ڪنهن تي به اڳي ڪا نه ملي آهي . ڪي قبرون اهرامي نموني سان جڙيل آهن . ڪن قبرن تي گهوڙن ۽ گهوڙ سوارن جون تصويرون به ملن ٿيون . صفا اولهه طرف واري قبرستان جي حصي ۾ ڪن قبرن تي مور پکيءَ ۽ نانگ جي اُڪر به ملي ٿي . ان قسم جي اڪر صرف خاران ۾ موجود هڪ گلوگها ( Gullugha ) نالي مقبرن تي ڏٺي وئي آهي . مور جي تصوير سنڌ ۾ رڳو ’ڄام پلي ‘ جي مقبرن تان ملي ٿي . ڄام پليءَ جو قبرستان تعلقي جوهي ضلعي دادوءَ ۾ آهي . اتي به مور ۽ ٻيون شيون چٽيل ملن ٿيون ، پر اتي اُڪر جو ڪم ڪونه ٿيل آهي ، پر هتي سڄو ڪم اُڪر جو ئي آهي . هتي هڪ هنڌ تلاءَ ۾ مانگر مڇ به آهن . جن کي پوڄيو وڃي ٿو . اهڙا مانگر مڇ منگهي پير تي به ملن ٿا . هندو ۽ مسلمان مختلف نموني انهن جي عزت ۽ احترام ڪن ٿا . اتي موتي فقير نالي هڪ مانگر مڇ موجود آهي . هي مانگر مڇ درياهه مان آيل ٿو ڏسجي ۽ درياهه فقط هڪ فرلانگ جي فاصلي تي آهي . آس پاس ۾ ميربحرن ، ڪندرن ، پليجن ، جکرن ، پالارين ، خاصخيلين ۽ شيخن جا ڳوٺ آهن . مقام جي اڀرندي طرف ماجيراءِ جي بٺي آهي . هي اهو ئي ماجي راءِ آهي ، جنهن سان لوڪ داستان ڳنڍيل آهي . هي مقامي سردار هو ، جنهن جي خوبصورت ڌيءَ کي کَپُر کاٽوڙي اغوا ڪري ويو هو .


لفظ پير لاکوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو